اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته برآمدات تي ٻڌل معاشي ترقي جي لاءِ ملڪي صنعتن جي ترقي لازمي آهي، ٽيرف ريشنلائيزيشن پاليسي جي ذريعي ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪي صنعتن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، خاص معاون هارون اختر ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪي روانگي واپار ۾ صنعت مرڪزي حيثيت رکي ٿي. روانگي واپار تي ٻڌل معاشي ترقي جي لاءِ ملڪي صنعتن جي ترقي لازمي آهي. ملڪي صنعتن کي عالمي معيار موجب افرادي قوت ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته ٽيرف ريشنلائيزيشن پاليسي جي ذريعي ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. غيريقيني صنعتي پاليسيون صنعتن جي فروغ ۾ رڪاوٽ رهيون آهن. اسان هڪ موثر پاليسي جي ڪري صنعتي ترقي کي نئين بلندين تي وٺي وينداسين. تازيون معاشي پاليسيون ملڪي صنعتن جي ترقي کي نظر ۾ رکندي جوڙيون ويون آهن. وزيراعظم چيو ته صنعتي پيداوار ۾ اضافي ۽ صنعتن کي درپيش مسئلن جي پائيدار حل جي لاءِ صنعتي پاليسي کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪي صنعتن جي ترقي جي حوالي سان سفارشون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته صنعتي پاليسي جي ذريعي ملڪ جي مينوفيڪچرنگ سيڪٽر کي بحال ڪيو ويندو. وزيراعظم سمورين لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان صنعتي پاليسي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي.