اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان سينيٽ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي پارلياماني اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ان موقعي تي ڳالهائيندي ڪوآليشن جوائنٽ ڪميٽي جي فعال سفارتي ڪوششن کي ساراهيو ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف کي موثر انداز ۾ پيش ڪرڻ تي ٽيم جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. ملاقات دوران جاري بجيٽ اجلاس بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽر شيري رحمان صدر کي سينيٽ ۾ بجيٽ تي ٿيندڙ بحث ۽ قانونسازي جي عمل ۾ پيپلزپارٽي جي موثر ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن صدر کي تازي پاڪستان – ڀارت بحران دوران ڪوآليشن جوائنٽ ڪميٽي پاران ڪيل سفارتي ڪوششن کان پڻ آگاهه ڪيو. سينيٽر شيري رحمان صدر کي ٻڌايو ته ڪميٽي پاڪستان جو امن پسند ۽ ذميواراڻو اسٽريٽجڪ موقف عالمي برادري آڏو پيش ڪيو. هن چيو ته ڪميٽي عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف جي حق ۾ حمايت حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سينيٽر شيري رحمان چيو ته ڪميٽي ۽ ان جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري تي مڪمل اعتماد ۽ ڀرپور حمايت تي صدر ۽ وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪريون ٿا.