عالمي معيار جي تربيت سان افرادي قوت جي ٻاهرئين ملڪ کپت وڌندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي معيار جي تربيت سان اسان جي افرادي قوت جي ٻاهرئين ملڪ کپت وڌندي ۽ پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو ٿيندو، سمورن تربيتي ادارن جي عالمي ايڪريڊي ٽيشن ڪرائي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) جي معاملن …

اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي معيار جي تربيت سان اسان جي افرادي قوت جي ٻاهرئين ملڪ کپت وڌندي ۽ پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو ٿيندو، سمورن تربيتي ادارن جي عالمي ايڪريڊي ٽيشن ڪرائي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) جي معاملن ۽ پيشيواراڻي تربيت جي حوالي سان اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته سڄي پاڪستان ۾ وفاقي ۽ صوبائي پيشيواراڻي ادارن ۾ ڏني ويندڙ تربيت کي عالمي معيار جو بڻايو وڃي ته جيئن نوجوانن کي ٻاهرئين ملڪ روزگار ڳولڻ ۾ آساني ٿئي، عالمي معيار جي تربيت سان اسان جي افرادي قوت جي ٻاهرئين ملڪ کپت وڌندي ۽ پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته سمورن تربيتي ادارن جي عالمي ايڪريڊي ٽيشن ڪرائي وڃي. ان موقعي تي وزيراعظم کي پيشيواراڻي تربيت جي حوالي سان کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته نيوٽيڪ سڄي ملڪ ۾ وفاقي ۽ صوبائي تربيتي ادارن جي ميپنگ ڪري ڇڏي آهي، نيوٽيڪ جي نيشنل ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ ڊيٽا مئنيجمينٽ سسٽم جي شروعات فعال ٿي چڪي آهي. بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته پبلڪ سيڪٽر جي سمورن پيشيواراڻي تربيتي پروگرامز کي نيو ٽيڪ جي سنگل ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت آندو پيو وڃي ۽ نصاب جي اسٽينڊرڊائيزيشن پڻ ڪئي پئي وڃي، نيوٽيڪ جي انتظام هيٺ 24 – 2023ع ۾ ڏني ويندڙ ٽريننگ جي 53 سيڪڙو ماڻهن کي نوڪريون ملي چڪيون آهن، اها ڊيٽا تربيت جي ڇهن مهينن کانپوءِ حاصل ڪئي وئي هئي. 2020ع کان 2024ع تائين نيوٽيڪ تحت پيشيواراڻي تربيت حاصل ڪندڙ 25 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ٻاهرئين ملڪ نوڪري ملي. هن سال هڪ لک 46 هزار ماڻهن کي خدمتن، سياحت، آءِ ٽي، بئنڪنگ، ٽيڪسٽائيل ۽ تعميرات جي شعبن ۾ پيشيواراڻي تربيت ڏني وئي، ايندڙ سال جو هدف 3 لک 50 هزار آهي. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں