اسلام آباد -18 جون (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ گذريل ڏينهن ليگل ايجوڪيشن ڪميٽي جي چيئرمين قلب حسن شاهه ۽ ليگل ايجوڪيشن پاڪستان جي ڊائريڪٽر بئريسٽر اسامه ملڪ سان گڏجي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ يونيورسٽي آف لنڊن جي انڊر گريجوئيٽ لاز جي ڊين پيٽريشيا ميڪ ڪيلر به موجود هئا. اجلاس جي ايجنڊا ۾ قانوني تعليم ۾ معيار کي وڌائڻ ۽ لاڳو ڪرڻ خاص طور تي پرڏيهي قانون جو پروگرام ڪندڙ ادارن تي ڌيان ڏيڻ هو. ميڪ ڪيلر ان ڳالهه زور ڀريو ته يونيورسٽي آف لنڊن پاڪستان بار ڪائونسل ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف ليگل ايجوڪيشن طرفان مقرر ڪيل سمورن ريگيوليٽري معيارن جي مڪمل تعميل کي يقيني بڻائي ٿي جڏهن ته سيد قلب حسن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ڪا به عالمي يونيورسٽي پاڪستان بار ڪائونسل جي اڳواٽ منظوري کان سواءِ پاڪستان ۾ پرڏيهي قانون جا پروگرام پيش نٿي ڪري سگهي. هن امتحانن کي اسائنمينٽس سان بدلجندڙ ادارن تي تنقيد ڪئي ۽ زور ڀريو ته اهڙي طرح جي طرز عمل سان تعليمي سلامتي جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي ۽ ان کي جاري رکڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. بئريسٽر اسامه ملڪ اهڙي اسائنمينٽ تي ٻڌل قانون وارن ڊگري پروگرامن کي روڪڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. وفاقي وزير پاڪستان ۾ قانوني تعليم جي تقدس کي برقرار رکڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نون ضابطن تحت پاڪستان بار ڪائونسل جي باضابطه منظوري کان سواءِ ڪنهن ڪاليج کي پرڏيهي قانون جي پروگرامن سان الحاق ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، وفاقي وزير سمورن شراڪتدارن کي ايندڙ تعليمي سيشن جي شروعات کان اڳ فوري ڪارروائي ڪرڻ جو يقين ڏياريو.