اسلام آباد -18 جون (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان انجمن اماميه اثنا عشريه راولپنڊي جي هڪ وفد صدر سيد مشتاق شاهه جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪئي. جنرل سيڪريٽري سيد مجتبيٰ نقوي، نائب صدر محسن ڀٽ ۽ ٻيا شامل هئا. ملاقات ۾ محرم الحرام 1447هه جي حوالي سان انتظامي معاملن، عزادارن جي درپيش مسئلن، جلوسن جي رستن ۾ رڪاوٽن، پاڻي جي فراهمي ۽ سيڪيورٽي سميت ٻيا …
ريلوي بابت وفاقي وزير سان انجمن اماميه اثنا عشريه راولپنڊي جي وفد جي ملاقات
اسلام آباد -18 جون (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان انجمن اماميه اثنا عشريه راولپنڊي جي هڪ وفد صدر سيد مشتاق شاهه جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪئي. جنرل سيڪريٽري سيد مجتبيٰ نقوي، نائب صدر محسن ڀٽ ۽ ٻيا شامل هئا. ملاقات ۾ محرم الحرام 1447هه جي حوالي سان انتظامي معاملن، عزادارن جي درپيش مسئلن، جلوسن جي رستن ۾ رڪاوٽن، پاڻي جي فراهمي ۽ سيڪيورٽي سميت ٻيا اهم معاملا بحث هيٺ آيا. وفد ريلوي واري وزير کي آگاهه ڪيو ته محرم دوران جلوسن ۽ مجلسن جي رستن ۾ غير ضروري رڪاوٽون شرڪت ڪندڙن لاءِ سخت ڏکيائين جو سبب بڻجنديون آهن جڏهن ته پاڻي جي کوٽ ۽ صفائي جا مسئلا به اهم چئلينجز آهن. وفد ريلوي واري وزير کي فوري قدمن ۽ ذاتي دلچسپي تي ٿورو مڃيو ۽ اميد ظاهر ڪيئ ته محرم ۾ انتظام وڌيڪ بهتري ۽ اثرائتا هوندا.












