اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعتن ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ۽ چٽاڀيٽي واري بڻائڻ لاءِ ريگوليٽري سڌارا اڻٽر آهن، اسان کي اهڙو ريگوليٽري ماحول بڻائڻو آهي جيڪو سيڙپڪاري کي هٿي ڏي، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪري ۽ مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪري. نيشنل ريگوليٽري ريفارمز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هارون اختر چيو ته ملڪ ۾ ڪاروباري برادري کي ڪيتريون ئي ريگوليٽري رڪاوٽون درپيش آهن، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ جامع ۽ قابل عمل حڪمت عملي جي ضرورت آهي. هن چيو ته موجوده ضابطه جاتي ڍانچي ۾ سادگي، شفافيت ۽ ڊجيٽلائيزيشن آڻڻ وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته اجازت نامن، لائسنسنگ ۽ مختلف نگران ادارن جي طريقيڪار کي گڏ ڪيو وڃي ۽ آسان بڻايو وڃي. هن زور ڀريو ته حڪومت صنعتي شعبي کي مضبوط بنيادن تي هموار ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ان لاءِ ضروري آهي ته غير ضروري قانونن جو خاتمو ڪيو وڃي، ڪاروبار جي داخلا، ٽيڪس، امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ۽ معائني جي عمل کي آسان بڻايو وڃي، عوامي ۽ نجي شعبي وچ ۾ مشاورت جو مضبوط نظام قائم هجي. هن چيو ته حقيقي ريفارمز انهي وقت ممڪن آهي جڏهن سمورا اسٽيڪ هولڊرزن سميت وفاقي ۽ صوبائي ادارا، نجي شعبا ۽ پاليسي ساز هڪ پيج تي هجن. هارون اختر ان موقعي تي نيشنل ريگوليٽري ريفارمز ٽاسڪ فورس جي جوڙجڪ تي به اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪي مختلف شعبن ۾ سڌاران جي رفتار کي تيز ڪرڻ لاءِ حڪومت کي سفارشون فراهم ڪندي.