اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ايران جي خلاف اسرائيل جي جاري جارحيت جي خلاف ۽ ايران سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ مسلمان ملڪن پاران متفقه طور تي جاري ڪيل گڏيل بيان جي ڪاپي سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي. سينيٽ جي اجلاس ۾ هن اها ڪاپي ايوان ۾ پيش ڪئي. تيزي سان بدلجندڙ علائقائي صورتحال ۽ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۾ غيرمعمولي اضافي خاص طور تي ايران جي خلاف اسرائيل جي جاري فوجي جارحيت جي ڏس ۾ الجزائر، بحرين، برونائي دارالسلام، چاڊ، ڪوموروس، جبوتي، مصر، عراق، اردن، ڪويت، ليبيا، موريطانيه، پاڪستان، قطر، سعودي عرب، صوماليه، سوڊان، ترڪيه، اومان ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن هڪ گڏيل بيان ۾ 13 جون 2025ع کان اسلامي جمهوريه ايران تي اسرائيل جي حملن ۽ ڪنهن به اهڙي قدم کي جيڪو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي خلاف ورزي ڪري، جي واضح لفظن ۾م ذمت ڪئي. پرڏيهي وزيرن رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي احترام سان گڏوگڏ سٺي پاڙيسريت جي اصولن تي عمل ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ايران جي خلاف اسرائيلي جارحيت کي روڪڻ جي ضرورت آهي جيڪا وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران سامهون آئي. موجوده خطرناڪ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هن چيو ته ان سان پوري خطي جي امن ۽ استحڪام تي سنگين نتيجا نڪرڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته هڪ جامع جنگبندي ۽ امن جي بحالي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزيرن چيو ته ائٽمي ۽ وڏي پئماني تي تباهي جي ٻين هٿيارن کان پاڪ وچ اوڀر جو علائقو قائم ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي جيڪو لاڳاپيل عالمي قراردادن موجب خطي جي سمورين رياستن تي بنا ڪنهن ڇوٽ جي لاڳو هجي، نيز وچ اوڀر جي سمورن ملڪن کي ائٽمي هٿيارن جي عدم ڦهلاءُ (اين پي ٽي) جي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جي فوري ضرورت آهي. هن چيو ته عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي لاڳاپيل قراردادن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي فيصلن موجب ائٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ کان پاسو ڪرڻ جي انتهائي اهميت آهي ڇو ته اهڙيون ڪارروايون عالمي قانون ۽ عالمي انساني قانون بشمول 1949ع جي جنيوا ڪنوينشنز جي خلاف ورزي آهن. هن گڏيل بيان ۾ چيو ته ايراني ائٽمي پروگرام جي حوالي سان پائيدار معاهدي تائين پهچڻ جو واحد قابل عمل ذريعي جي طور تي ڳالهه ٻولهه جي رستي تي تيزي سان واپسي جي فوري ضرورت آهي. هن چيو ته عالمي قانون جي لاڳاپيل قاعدن موجب عالمي پاڻي گذرگاهن ۾ نيويگيشن جي آزادي جي تحفظ جي اهميت ۽ ميري ٽائيم سيڪيورٽي کي نقصان پهچائڻ کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي. گڏيل بيان موجب سفارتڪاري، ڳالهه ٻولهه ۽ سٺي پاڙيسريت جي اصولن جي پاسداري، عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر موجب خطي ۾ بحرانن جي حل جو واحد قابل عمل رستو آهي ۽ اهو ته فوجي ذريعا جاري بحران جو پائيدار حل نه ٿا ڪڍي سگهن.