اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس ۾ کاڌي پيتي جي شين خاص طور تي کنڊ جي فراهمي ۽ دستيابي جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزير، وزيراعظم جي خاص معاون ايم طارق باجوه، صنعت ۽ پيداوار واري سيڪريٽري، ايف بي آر ميمبر، ڊي جي ايف آءِ اي کانسواءِ پاڪستان شگر ملز ايسوسيئيشن ۽ صوبائي حڪومت جي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته شهرين کي مناسب قيمتن تي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي جي حڪومت جي پاليسي تي مڪمل عملدرآمد ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪومت ذخيره اندوزي، کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ ۽ وڌيڪ قيمتن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪندي.