اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي)پي آءِ اي جي پھرين خاص اڏام ايران ۾ ڦاٿل 107 پاڪستاني شھرين کي کڻي اربع جو 3 وڳي حفاظت سان اشڪ آباد کان اسلام آباد پھچي وئي. پي آءِ اي جي ترجمان عبدالله حفيظ خان طرفان جاري بيان مطابق ايراني ھوائي حدن جي بندش سبب ايران ۾ موجود پاڪستاني شھري زميني رستن ذريعي ترڪمانستان جي شھر اشڪ آباد پھتا ھئا. ان سڄي عمل ۾ ايران ۽ ترڪمانستان ۾ پاڪستاني سفارتخانن اھم ڪردار ادا ڪيو. ترجمان چيو ته قومي ايئر لائن جي اھا خاص اڏام پي ڪي 9552 پاڪستان حڪومت جي ھدايتن تي روانو ڪئي وئي ھئي. وطن واپس پھچڻ وارن پاڪستاني شھرين حڪومت ۽ پي آءِ اي جي وقتائتن قدمن کي ساراھيو ۽ ان عمل کي واکاڻ جوڳو قرار ڏنو آھي. ترجمان چيو ته مشڪل گھڙي ۾ ملڪي مفادن خاطر قومي ايئر لائن طرفان پنھنجون خدمتون فراھم ڪرڻ اسان جي ڏھاڪن تي ٻڌل روايتن جو تسلسل آھي.