اسلام آباد-17 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اربع صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي عام بحث جاري رهيو. ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه اجلاس اربع جي صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. اڄوڪي اجلاس ۾ وفاقي بجيٽ تي عام بحث جاري رهندي.