اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر محمد اقبال حسين خان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان بنگلاديش سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت رفتار کي ساراهيندي هن تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ خاص طور تي واپار، سياحت ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو.