اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) تيزي سان بدلجندڙ علائقائي صورتحال ۽ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۾ غيرمعمولي اضافو خاص طور تي ايران جي خلاف اسرائيل جي جاري فوجي جارحيت جي ڏس ۾ الجزائر، بحرين، برونائي درالسلام، چاڊ، ڪموروس، جبوتي، مصر، عراق، اردن، ڪويت، ليبيا، موريطانيه، پاڪستان، قطر، سعودي عرب، صوماليه، سوڊان، ترڪيه، اومان ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن هڪ گڏيل بيان ۾ اسلامي جمهوريه ايران تي اسرائيل جي حملن ۽ ڪنهن به اهڙن قدمن کي جيڪي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي خلاف ورزي ڪن ٿا، جي واضح لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پاڪستان جي پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزيرن رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي احترام سان گڏوگڏ سٺي پاڙيسريت جي اصولن تي عمل ڪرڻ ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي ضرورت تي زور ڏنو. هنن چيو ته ايران جي خلاف اسرائيلي جارحيت کي روڪڻ جي لازمي ضرورت آهي جيڪا وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران سامهون آئي آهي. ان خطرناڪ ڇڪتاڻ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي هنن چيو ته ان سان پوري خطي جي امن ۽ استحڪام تي سنگين نتيجا اچڻ جو خدشو آهي، اهڙي ۾ هڪ جامع جنگبندي ۽ امن جي بحالي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزيرن چيو ته ائٽمي هٿيارن ۽ وڏي پئماني تي تباهي جي ٻين هٿيارن کان پاڪ وچ اوڀر جي علائقي جي قيام جي فوري ضرورت آهي جيڪو لاڳاپيل عالمي قراردادن موجب خطي جي سمورين رياستن تي بنا ڪنهن ڇوٽ جي لاڳو هجي ۽ وچ اوڀر جي سمورن ملڪن کي ائٽمي هٿيارن جي عدم ڦهلاءُ (اين پي ٽي) جي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جي فوري ضرورت آهي. هنن چيو ته عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي لاڳاپيل قراردادن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي فيصلن موجب ائٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ کان پاسو ڪرڻ جي انتهائي اهميت آهي ڇو ته اهڙيون ڪارروايون عالمي قانون ۽ عالمي انساني قانون بشمول 1949ع جي جنيوا ڪنوينشنز جي خلاف ورزي آهن. هنن گڏيل بيان ۾ چيو ته ايراني ائٽمي پروگرام جي حوالي سان پائيدار معاهدي تائين پهچڻ جو واحد قابل عمل ذريعي جي طور تي ڳالهه ٻولهه جي رستي تي تيزي سان واپسي جي فوري ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته عالمي قانون جي لاڳاپيل قاعدن موجب عالمي پاڻي لنگهن ۾ نيويگيشن جي آزادي جي تحفظ جي اهميت ۽ ميري ٽائيم سيڪيورٽي کي نقصان پهچائڻ کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي. گڏيل بيان موجب سفارتڪاري، ڳالهه ٻولهه ۽ سٺي پاڙيسريت جي اصولن جي پاسداري، عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر موجب خطي ۾ بحرانن جي حل جو واحد قابل عمل رستو آهي ۽ اهو ته فوجي ذريعا جاري بحران جو پائيدار حل نٿا ڪڍي سگهن.