اسلام آباد-16 جون (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته پاڪستاني بندرگاهون علائقائي رابطن کي هٿي ڏئي پوري وچ ايشيا لاءِ اقتصادي رستو فراهم ڪنديون، گوادر بندرگاهه جي ترقي ۽ فعال استعمال ملڪي معيشت کي فائدو ڏيندي. وزارت جي بيان موجب وفاقي وزير چيو ته گودار بندرگاهه جي فعاليت سان خطي ۾ عالمي اعتماد ۾ واڌ ٿي آهي پر پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ واپاري ناتا به وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن، گوادر پورٽ تيزيءَ سان خطي لاءِ هڪ اهم واپاري گيٽ وي بڻجندو پيو وڃي، ان ذريعي افغانستان جي عالمي مارڪيٽن تائين پهچ وڌيڪ اثرائتي ۽ گهٽ لاڳت ٿيندي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته گوادر ٽرانزٽ جي خرچن ۾ نمايان گهٽتائي جي اُميد آهي جيڪو خطي ۾ واپاري سهولت ۽ پائيدار ترقيءَ لاءِ انتهائي اهم آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته گوادر مڪمل طور تي واپاري سامان سنڀالڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ هتان واپاري سرگرمين ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي. هن ان کي پاڪستان جي ميري ٽائيم شعبي جي بهتري، انفراسٽرڪچر ۽ خطي ۾ پاڪستان جي وڌندڙ اقتصادي ڪردار کي ڪاميابي قرار ڏنو.