اسلام آباد -16 جون (اي پي پي) مانيٽري پاليسي ڪميٽي پاليسي ريٽ کي ڪنهن تبديلي کانسواءِ 11 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪميٽي قرار ڏنو ته حقيقي وياج واري شرح مهانگائي کي ان جي 5 کان 7 سيڪڙو هدف جي حد ۾ مستحڪم رکڻ لاءِ مناسب حد تائين هاڪاري آهي. مالي سال 2026ع دوران صنعت ۽ خدمتن جا شعبا معاشي اوسر کي وڌائيندا رهندا. مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري بيان مطابق ڪميٽي نوٽ ڪيو ته مئي ۾ مهانگائي جي سطح ۾ ساليانو بنيادن تي 3.5 سيڪڙو اضافو ٿيو جيڪو سندس اميدن مطابق هو، جڏهن ته عام واهپي وارين شين ۾ معمولي گهٽتائي ٿي. گهريلو ۽ ڪاروباري ادارن ٻنهي جي مهانگائي بابت اميدون معتدل رهيون. اميد آهي ته مهانگائي اڳيان هلي مالي سال 2026ع دوران وڌي هدف مطابق مستحڪم ٿي ويندي. مانيٽري پاليسي ڪميٽي اهو به تجزيو ڪيو ته اقتصادي اوسر آهستي آهستي وڌي رهي آهي ۽ اڳڪٿي آهي ته ايندڙ سال اها وڌيڪ وڌندي ۽ اها پاليسي شرح ۾ اڳوڻين ڪٽوتين جي دير سان پوندڙ اثرن جو به سهارو ملندو. ان سان گڏوگڏ ڪميٽي پرڏيهي شعبي کي درپيش ڪجهه امڪاني خطرا به محسوس ڪيا جڏهن ته واپاري خساري ۾ وڌيڪ اضافو ڪري سگهي ٿي. ان تناظر ۾ ڪميٽي اڄ جي فيصلي کي ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۽ اگهن جي استحڪام کي پائيدار رکڻ لاءِ مناسب قرار ڏنو. بيان مطابق ڪميٽي پنهنجي گذريل اجلاس کان هن قوت تائين ٿيندڙ ان اهم تبديلين کي نظر ۾ رکيو، اول، مالي سال 2025ع جي حقيقي جي ڊي پي اوسر عارضي طور تي 2.7 سيڪڙو ٻڌائي وئي ۽ حڪومت ايندڙ سال لاءِ 4.2 سيڪڙو جهڙي بلند اوسر کي پنهنجو هدف بڻائي رهي آهي. ٻيو ته واپاري خساري ۾ سٺي اضافي باوجود اپريل ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ وڏي حد تائين متوازن رهيو. اي ايف ايف جو پهريون جائزه مڪمل ٿيڻ تي اٽڪل هڪ ارب ڊالرز جي ادائگي ٿي جنهن کان پوءِ 6 جون کي اسٽيٽ بئنڪ جا مٽاسٽا واري ناڻي جا ذخيرا وڌي 11.7 ارب ڊالر ٿي ويا. ٽيون ته بجيٽ جي نظرثاني ٿيل لاڳت ٻڌائي ٿي ته پرائمري بئلنس جو سرپلس مالي سال 2025ع ۾ جي ڊي پي جو 2.2 سيڪڙو رهيو جيڪو گذريل سال جي 0.9 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. ايندڙ سال لاءِ پرائمري سرپلس جو حڪومت جو هدف بلند يعني جي ڊي پي جو 2.4 سيڪڙو آهي. آخري ۾ اهو ته تيل جون عالمي قيمتون تيزي سان بحال ٿيون آهن جنهن سان وچ اوڀر ۾ بدلجندڙ جاگرافيائي ۽ سياسي صورتحال ۽ آمريڪا چين واپاري ڇڪتاڻ ۾ ڪجهه ڪمي جي عڪاسي ٿيندي آهي. مانيٽري پاليسي ڪميٽي کي اميد آهي ته مالي سال 2026ع دوران صنعت ۽ خدمتن جا شعبا معاشي اوسر کي وڌائيندا رهندا. مختصر اهو ته ڪميٽي کي اميد آهي ته مالي سال 2026ع دوران حقيقي جي ڊي پي جي اوسر وڌي سگهي ٿي. بيان مطابق اپريل 2025ع ۾ جاري کاتا اٽڪل متوازن رهيا جنهن سان جولاءِ کانا پريل مالي سال 2025ع دوران مجموعي سرپلس 1.9 ارب ڊالرز تائين پهچي ويو. اقتصادي سرگرمين ۾ بهتري سان گڏوگڏ آمدني واپار ۾ اضافو جاري رهيو جڏهن ته روانگي واپار جي اوسر ۾ گهٽتائي آئي جنهن جو هڪ جزوي سبب ڏکيون عالمي واپاري حالتون هو جڏهن ته پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني ڪارڪنن پاران ڏيهه اماڻيل ناڻو مضبوط رهيو ۽جاري کاتي تي وڌندڙ واپاري خساري ۾ اضافي جي اثرن کي مڪمل طور ختم ڪري ڇڏيو. انهن رجحانن جي بنياد تي اميد آهي ته مالي سال 2025ع دوران جاري کاتا سرپلس ۾ رهيا جڏهن ته غيريقيني عالمي واپاري حالتن ۽ آمدني واپار جي مسلسل مضبوط طلب سبب مالي سال 2026ع دوران جاري کاتن ۾ معمولي خساري جو امڪان آهي. هوڏانهن مانيٽري پاليسي ڪميٽي نوٽ ڪيو هو ته جيتوڻيڪ هاڻي تائين خالص مالي رقم جو اچڻ ڪمزور رهيو آهي. پر جون 2025ع جي پڄاڻي تائين اسٽيٽ بئنڪ جي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا اٽڪل 14 ارب ڊالرز تائين پهچڻ جي اميد آهي. مستقبل ۾ پرڏيهي منظرنامو جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ، تيل جي عالمي قيمتن ۾ لاها چاڙها، تجويز ڪيل بجيٽ قدمن جي امڪاني ناڪاري اثرن ۽ منصوبه بند مالي رقم جي آمد ۾ گهٽتائي جهڙن ڪيترن ئي خطرن جي حوالي سان خدشو آهي. ان موقعي تي ڪميٽي ناڻي جي اوسر ۾ نمايان اضافو نوٽ ڪيو جنهن جي وضاحت گردش هيٺ ڪرنسي ۾ عيد جي موسمي اضافي سان ٿيندو آهي.