سيڪيورٽي فورسز جون خيبر پختونخوا صوبي ۾ ٻه الڳ الڳ ڪارروائيون، ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جا 5 خوارجي مارجي ويا:آءِ ايس پي آر

راولپنڊي -16 جون (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي خيبر پختونخوا صوبي ۾ ٻن الڳ الڳ ڪارروائين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 5 خوارجي مارجي ويا. گذريل ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان مطابق سيڪيورٽي فورسز طرفان پشاور ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي موجودگي جو اطلاع مليو جنهن دوران آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي …

راولپنڊي -16 جون (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي خيبر پختونخوا صوبي ۾ ٻن الڳ الڳ ڪارروائين ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 5 خوارجي مارجي ويا. گذريل ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان مطابق سيڪيورٽي فورسز طرفان پشاور ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي موجودگي جو اطلاع مليو جنهن دوران آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي مهارت سان ڀارتي حمايت يافته خوارجن جي ٺڪاڻن جو گهيراءُ ڪيو ويو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ 4 ڀارتي حمايت يافته خوارجن سميت خارجي حارث ۽ خارجي بصير کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. انٽيليجنس تي ٻڌل هڪ ٻيو آپريشن اتر وزيرستان ضلعي ۾ ڪيو ويو ۽ ان جي نتيجي ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سيڪيورٽي فورسز هڪ ٻئي خارجي کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. مارجي ويل ڀارتي حمايت يافته خوارجين وٽان هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ ڪيو ويو جيڪي ڄاڻايل علائقن ۾ دهشتگردي جي ڪيترين ڪارروائين ۾ سرگرم رهيا. علائقي ۾ موجود ڪنهن به ڀارتي حمايت يافته خوارجي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان ڀارتي حمايت يافته دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.