اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ اهڙو پائيدار ۽ جديد آءِ سي ٽي نظام جوڙيو ويندو جنهن سان پاڪستان خطي ۾ آءِ ٽي شعبي جي حوالي سان مرڪز بڻجي اڀرندو، پاڪستان ۾ آءِ ٽي شعبي جي جديد تربيتي پروگرامز سان مقامي سطح تي تبديلي جي لاءِ نوجوانن کي تيار ڪيو وڃي، آءِ ٽي شعبي جي اهڙي تربيت ۽ هنر فراهم ڪيو وڃي، جنهن سان نوجوانن جو روزگار يقيني بڻجي، جڏهن ته وزيراعظم کي ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ گرمين جي موسم جي موڪلن ۾ 1 لک 46 هزار ٻارن کي وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ هواوي جي حصيداري سان آءِ ٽي جي تربيت فراهم ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نوجوانن کي آءِ ٽي شعبي جي تربيت ۽ پاڪستان ۾ تربيتي پروگرامز جي ايڪو سسٽم جوڙڻ ۽ جاري ڪرڻ جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي شعبي جي جديد تربيت جي لاءِ نظام جي جوڙجڪ ۽ جاري ڪرڻ تي تيزي سان ڪم جاري آهي جنهن جي لاءِ ڪنسلٽنسي فرمز جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي حوالي سان ٽرمز آف ريفرنسز حتمي مرحلن ۾ آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هواوي جي تعاون سان هيستائين 20 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آءِ ٽي شعبي جي جديد تربيت فراهم ڪئي وئي آهي ۽ تازو ئي گذريل سال تربيت يافته پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين نه رڳو پوري چين پر عالمي سطح تي آءِ ٽي جي ٽن شعبن ۾ پهريون ٽي پوزيشون کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي، انهن مقابلن ۾ سڄي دنيا مان 2 لک اميدوار شامل هئا. وزيراعظم مقابلي ۾ ڪامياب ٿي پاڪستان جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ساراهيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ هواوي جي حصيداري سان وڌيڪ 80 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آءِ ٽي تربيت جي فراهمي جو هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري آهن جن ۾ نه رڳو وڏن شهرن پر بلوچستان سميت ڏورانهن علائقن بشمول تربت ۾ پڻ آن لائين ڪلاسز فراهم ڪيون وينديون. وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ٽرينرز کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ موجوده دور جي گهرجن موجب ڪورسز جي تربيت جي لاءِ آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد ۾ 50 هزار ٽرينرز جي تربيت جو هدف رکيو ويو آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته تربيتي پروگرام جي بيچلرز پروگرامز ۾ شموليت ۽ مصنوعي ذهانت جي پروگرامز جي جاري ڪرڻ سان 3 لک شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آءِ ٽي شعبي جي تربيت فراهم ڪرڻ جو هدف پورو ڪيو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ گرمين جي موسم جي موڪلن ۾ 1 لک 46 هزار ٻارن کي وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ هواوي جي حصيداري سان آءِ ٽي جي تربيت فراهم ڪئي ويندي. وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت جلد 2 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آءِ ٽي جي جديد ڪورسز جي تربيت ڏئي روزگار جي قابل بڻايو ويندو. وزيراعظم سمورن قدمن جي مدي جو تعين ڪري انهن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي شعبي جي جديد تربيتي پروگرامز سان مقامي سطح تي تبديلي جي لاءِ نوجوانن کي تيار ڪيو وڃي، آءِ ٽي شعبي جي اهڙي تربيت ۽ هنر فراهم ڪيو وڃي، جنهن سان نوجوانن جو روزگار يقيني بڻجي، پاڪستان ۾ اهڙو پائيدار ۽ جديد آءِ سي ٽي نظام جوڙيو ويندو جنهن سان پاڪستان خطي ۾ آءِ ٽي شعبي جي حوالي سان مرڪزي حب بڻجي اڀرندو، ان حوالي سان مقامي ڪمپنين کي آءِ ٽي شعبي جي بااختيار افرادي قوت جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي جنهن سان اهي عالمي گهرجن کي پورو ڪري سگهندا ۽ ملڪ ۾ پرڏيهي ناڻو آڻي سگهندا. وزيراعظم چيو ته تربيتي نظام جي لاءِ ڪنسلٽنسي جي حوالي سان واضح ٽرمز آف ريفرنسز (ٽي او آرز) ٺاهيا وڃن. وزيراعظم چيو ته نظام جي جوڙجڪ ۽ جاري ڪرڻ جي لاءِ مدي جو تعين ڪيو وڃي ۽ جلد ان جي تڪميل يقيني بڻائي وڃي، تربيتي پروگرامز مثبت ۽ تعميري هجن جيڪي نوجوانن کي عالمي تناظر ۾ ڪارائتو شخص بڻائين، پاڪستان جو سڀ کان قيمتي اثاثو اسان جي باصلاحيت نوجوان افرادي قوت آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٽيڪنالاجي جي تربيت کي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ فراهم ڪرڻ جي لاءِ وفاقي تعليم واري وزارت، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ نيوٽيڪ گڏجي آءِ ٽي واري وزارت سان ڪم ڪن، موجوده گرمين جي موڪلن ۾ سمر ڪئمپس ۾ آءِ ٽي جي تربيت کي يقيني بڻايو وڃي.