اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پشاور ضلعي ۽ اتر وزيرستان ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 5 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت جي ڪري اسان ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين. وزيراعظم چيو ته انسانيت جي دشمن دهشتگردن کي معصوم شهرين جي جان ۽ مال کي خطري ۾ وجهڻ جي انتهائي سخت قيمت ادا ڪرڻي پوندي، پاڪستان حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهن.