اسلام آباد -15 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاقان فدان ٽيليفون ڪئي آهي. گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان مطابق ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ايران تي اسرائيل جي بنا جواز حملي سان علائقي جي بدلجندڙ صورتحال تي ڏک ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ايندڙ هفتي استنبول ۾ ٿيندڙ او آءِ سي ڪائونسل آف فارن منسٽرز ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان جي اعزاز ۾ منعقد اسلامڪ ڪو آپريشن يوٿ فورمز جي تقريب ۾ شرڪت جي تصديق ڪئي.