اسلام آباد-15 جون (اي پي پي) پاڪستان مشن 2022 کان 2025 دوران مختلف ملڪن ۾ قيد 18 هزار 533 پاڪستانين کي قانوني مدد کانپوءِ واپس ملڪ آندو. پرڏيهي وزارت جي دستاويزن موجب پرڏيهه ۾ مقرر پاڪستاني سفارتي مشنز معمولي يا غير فوجداري ڏوهن ۾ قيد پاڪستانين کي قانوني مدد، طبي سار سنڀال ۽ مالي امداد فراهم ڪئي، انهن مشنز جي قونصلر خدمتن 2022 کان 2025 دوران هزارين پاڪستانين جي وطن واپسي کي آسان بڻايو . ان دوران ڪولالمپور مان 5 هزار پاڪستانين کي ملڪ آندو ويو. جڏهن ته مسقط مان 5 هزار 35 پاڪستانين کي وطن آندو ويو، بغداد مان 3 هزار 570، طرابلس مان 935، يونان مان 530 ، آستانه مان 245 ، نيويارڪ مان 110 ، رياض مان 1563، ڪولمبو مان 56، الجزائر مان 37، منيلا مان 20، روم مان 20، بينڪاڪ مان 16، ابوجا مان 15، چينگڊو مان 10، بيروت مان 5، مشهد مان 7، سنگاپور مان 2 جڏهن ته مانچسٽر ۽ بيجنگ مان 6،6 پاڪستانين کي ملڪ پهچايو ويو.