اسلام آباد-15 جون (اي پي پي) پاڪستاني حاجين جي آمد جو سلسلو جاري آهي، گذريل ڏينهن 11 هزار 418 حاجي وطن پهتا ، جڏهن ته آچر 15 جون تي 20 اڏامن ذريعي وڌيڪ 4 هزار 995 حاجي وطن پهتا. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان حج اپ ڊيٽس کان آگاه ڪندي چيو ته آچر تي اسلام آباد ۽ لاهور ۾ 6،6 ڪراچي 4 ، ملتان 3 جڏهن ته ڪوئٽه ۾ هڪ حج اڏام پهتي. پي آءِ اي، سعودي ايئر لائن ، ايئر بليو، ايئر سيال ۽ سيرين ايئر جي جهازن ذريعي حاجي پاڪستان پهتا. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته عالمي سطح تي فضائي ٽريفڪ ۾ رنڊڪن باوجود پاڪستان جو پوسٽ حج آپريشن ڪاميابي سان جاري آهي. واپسي کي وڌيڪ هموار بڻائڻ لاءِ حاجي نظم و ضبط جو وڌيڪ خيال رکن. ترجمان چيو ته حاجي پنهنجي سامان جو وزن فضائي ٽڪيٽ تي مقرر حد موجب رکن، رش کي نظر ۾ رکندي سعودي ائير پورٽ تي پنهنجي اڏام جي وقت کان 6 کان 8 ڪلاڪ اڳ پهچن.