اسلام آباد-15 جون (اي پي پي)خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر طلحه محمود گورنر هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي سياسي صورتحال، صوبي ۾ امن امان ۽ صوبائي حڪومت جي بدترين ۽ رڪارڊ ٽوڙ ڪرپشن واري حڪومتي دور ، چترال ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ طلحه محمود فائونڊيشن جي سماجي ڀلائي وارن ڪمن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. سينيٽر طلحه محمود چيو ته صوبي ۾ ڪرپشن عروج تي آهي، عوامي نمائندن جي ذاتي اڪائونٽس مان سرڪاري رقم برآمد ٿي رهي آهي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته نااهل حڪمرانن کان صوبي جي عوام کي نجات ڏيارڻ انتهائي ضروري آهي. ملاقات دوران سينيٽ چونڊن ۾ درپيش مسئلن جي حوالي سان پڻ ڳالهيون ڪيو ويون ۽ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا.