رياض – 14 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ايراني سرزمين تي اسرائيلي جارحيت جي شديد مذمت ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن اهو به چيو ته اسرائيلي حملو ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ سفارتي حل تائين پهچڻ جي ڪوششن ۾ رڪاوٽ آهي. ان کان علاوه سعودي پرڏيهي وزير سان فلسطيني وزيراعظم مصري، ڪويتي ۽ اردني هم منصبن به ٽيليفون تي رابطا ڪيا آهن. فلسطيني وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر محمد مصطفيٰ سان رابطي ۾ خطي جي صورتحال ۽ ان جي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مصري پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بدر العاطي سعودي پرڏيهي وزير سان ايران تي اسرائيلي حملي ۽ ان جي خطي تي اثرن ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اردن جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايمن الصفدي سان ڳالهه ٻولهه ۾ ايران خلاف اسرائيلي جارحيت، ان جي علائقائي اثرن ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سعودي پرڏيهي وزير ۽ ڪويتي هم منصب عبدالله اليحييٰ رابطي دوران ايران تي اسرائيلي حملي کانپوءِ ان جي علائقائي اثرن ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم سان رابطي ۾ خطي جي صورتحال خاص طور تي اسرائيلي حملي کانپوءِ جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جنهن سان علائقي جي سلامتي ۽ استحڪام کي خطرو آهي.