لاهور -14 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪستاني نوجوان افرادي قوت ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، نوجوانن کي تعليم، هنر ۽ روزگار جا بهترين موقعا فراهم ڪري بااختيار بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم، پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران راڻا …
پاڪستاني نوجوان افرادي قوت ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، نوجوانن کي تعليم، هنر ۽ روزگار جا بهترين موقعا فراهم ڪري بااختيار بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
لاهور -14 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪستاني نوجوان افرادي قوت ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، نوجوانن کي تعليم، هنر ۽ روزگار جا بهترين موقعا فراهم ڪري بااختيار بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم، پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران راڻا مشهود احمد خان پرائم منسٽر يوٿ پروگرام تحت نوجوانن جي فلاح ۽ بهبود ۽ کين باختيار بڻائڻ بابت مختلف جاري قدمن تي وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني نوجوان افرادي قوت ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، نوجوانن کي تعليم، هنر ۽ روزگار جا بهترين موقعا فراهم ڪري بااختيار بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعطم هدايت ڪئي ته نوجوانن جي سگهه وڌائڻ ۽ کين ملڪي ترقي جي عمل ۾ متحرڪ حصيدار بڻائڻ لاءِ وڌيڪ منصوبا شروع ڪيا وڃن. وزيراعظم چيو ته نوجوانن کي عصري گهرجن سان هم اهنگ ۽جديد هنر ۽ ٽيڪنالاجي جي تربيت يقيني بڻائي رهيا آهيون.











