لاهور -14 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اڳوڻي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ خواجه سعد رفيق عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي وزيراعظم کي مبارڪون ڏنيون ۽ ان بجيٽ کي معاشي استحڪام ۽ عوامي رليف طرف هڪ هاڪاري قدم قرار ڏنو. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ٿيون.