اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم، ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار فلسطين لاءِ پاڪستان جي پختي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جو ورجاءُ ڪندي فلسطيني عوام لاءِ انساني امداد جي فراهمي ۾ اضافي سان گڏ فلسطيني شاگردن کي تعليمي مدد فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان گذريل ڏينهن جاري پريس ريليز مطابق انهن خيالن جو اظهار هن پاڪستان طرفان فلسطيني عوام کي فراهم ڪيل امداد جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسرائيل طرفان انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي نتيجي ۾ غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار به ڪيو. هن فلسطيني ڪاز لاءِ پاڪستان جي پختي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جو ورجاءُ ڪندي فلسطيني عوام لاءِ انساني امداد جي فراهمي کي وڌائڻ سان گڏو گڏ فلسطيني شاگردن کي تعليمي مدد فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.