اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ايران خلاف اسرائيلي اڳرائيءَ جي مذمت ڪندي عالمي برادريءَ کان ان سرڪشيءَ جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪالهه پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سينٽر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته قومي اسيمبليءَ ۾ به ايران خلاف اسرائيل جي جارحيت جي مذمت ڪئي وئي ۽ مان به ان جي مذمت ڪريان ٿو. هن اسرائيل طرفان ايران خلاف اڳرائيءَ جي ڀرپور مذمت ڪندي چيو ته اسرائيلي جارحيت خطي ۽ عالمي امن لاءِ سنگين خطرو آهي. عالمي برادريءَ کي ان جي سرڪشيءَ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته بجيٽ اجلاس دوران ناڻي واري وزير جي تقرير دوران مخالف ڌر طرفان قومي اسيمبليءَ جي مخالف بينچن ۽ انهن تي لڳل مائيڪ سسٽم کي نقصان پهچايو ويو جنهن سان مخالف ڌر جي بينچن جي 4 قطارن جا مائيڪ ناڪارا ٿي ويا. پارليامينٽ هائوس ۾ مائيڪ سسٽم 1994ع ۾ لڳو هو پر ڪنهن دؤر ۾ به مخالف ڌر اهڙو احتجاج ڪڏهن به نه ڪيو جنهن سان ملڪيتن کي نقصان پهچي. احسن اقبال چيو ته موجوده مخالف ڌر جي ان احتجاج سان خراب ٿيل مائيڪ سسٽم کي تبديل ڪرائڻ تي 35 ڪروڙ رپيا لاڳت ايندي ۽ منهنجي خيال ۾ هي پئسا مخالف ڌر جي ميمبرن جي پگهارن مان وصول ٿيڻ گهرجن. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ چوي ٿي ته انهن جو ليڊر بهادر آهي ۽ هو ايوان ۾ هجي ها ته ملڪ بلندين تي هجي ها پر مان کين ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو ته هي بهادر جڏهن ايوان ۾ هو ته ڀارتي فالس فليگ آپريشن تي چيو هو ته ٻُڌايو ته مان ڇا ڪريان، ڇا مان ڀارت تي حملو ڪريان، پنهنجي حڪومتي دؤر ۾ هن اڀي نندن کي 24 ڪلاڪن ۾ آزاد ڪري ڀارت حوالي ڪيو هو. هن چيو ته خبر ناهي تحريڪ انصاف وارا ڪنهن جي اکين ۾ مٽي وجهي رهيا آهن. 2019ع ۾ جڏهن ڀارت پاڪستان تي اڳرائي ڪئي ته عمران خان ايوان ۾ بي وس بيٺل هو ۽ هي ان کي بهادريءَ جو نالو ڏئي رهيا آهن، انهن جي حڪومتي دؤر ۾ انهن وٽ آءِ ايم ايف جي قسط جي ادائگي جي رقم به نه هئي، پگهارن ۽ پينشنن لاءِ به قرض ورتو ويندو هو، هو ملڪ ڏيوالو ڪرڻ جي ويجهو ڇڏي ويا هئا ۽ـ پهرين اپريل 2022ع تي تحريڪ انصاف ملڪ کي ڏيوالو ڪري ويهي هئي. الحمدلله اڄ وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان ٻيهر ترقيءَ طرف وڃي رهيو آهي، پاڪستان جي معيشت جي بحاليءَ کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي. عالمي ريٽنگ ايجنسيون معاشي بهتري ۽ ڪارڪردگي کي ساراهي رهيا آهن، اسان جي ريٽنگ بلندي طرف گامزن آهي ۽ ان لاءِ اسان کي تحريڪ انصاف جي ڪنهن سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي. احسن اقبال چيو ته 6 مئي تائين ته تحريڪ انصاف جو بيانيو اهو هو ته پاڪستان کي نقصان پهچايو آهي. تحريڪ انصاف پاڪ فوج تي تنقيد ڪندي ٿڪجندي نه هئي ۽ هاڻ ٻيهر تحريڪ انصاف قوم ۾ مايوسي پکيڙي رهي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ ڀارت جي بيانيي ۾ ڪو فرق ناهي، اهوئي سبب آهي جو تحريڪ انصاف کي ڀارت ۽ اسرائيل مان فارن فنڊنگ ايندي هئي، ان لاءِ هيءَ پارٽي اسرائيل ۽ ڀارتي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي. احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۾ تحريڪ انصاف جي سياست جي طرز جي گنجائش ناهي، پي ٽي آءِ جو باني سياسي قيدي ناهي پر 190 ملين پائونڊ جي چوريءَ ۾ پڪڙيو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف کي معيشت جي بدحاليءَ جو ذميدار قرار ڏئي پنهنجي ليڊر جو گهيرو ڪرڻ گهرجي. پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو سياسي ڌاڙو عمران خان جو آهي، کيس گهرجي ته اسيمبليءَ ۾ ڊيسڪ وڄائڻ بدران اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ جي باني جو گريبان پڪڙين، باني چيئرمين 60 ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، 60 ارب رپين جي رقم سان جديد ۽ بهترين سهولتن سان دانش يونيورسٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويندو. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته تحريڪ انصاف پاڪستان جي دوست ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪيا ۽ ملڪ کي معاشي ۽ سفارتي محاذ تي اڪيلو ڪري ڇڏيو، موجوده حڪومت ٻيهر دوست ملڪن سان لاڳاپا بحال ڪيا. هن چيو ته اڄ ڀارت خلاف سڄي دنيا ۾ تنقيد ٿي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مسلم ليگ (ن) هميشه مؤقف رکيو ته فوج کي سياست کان پري هئڻ گهرجي ۽ پوليٽڪل انجنيئرنگ نه ٿيڻ گهرجي ۽ جڏهن فوج سياسي عمل کان پري رهڻ جو چئي رهي آهي ته پي ٽي آءِ جو باني ڳالهين لاءِ سياسي اڳواڻن بدران اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي.