اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسرائيل جي ايران تي اشتعال انگيز حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو غيرذميواراڻو قدم انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي ۽ ان سان خطي جو استحڪام وڌيڪ خطري ۾ پئجي ويو آهي. ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم حملي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي ايراني عوام سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن عالمي برادري ۽ گڏيل قومن تي زور ڏنو ته اهي وڌيڪ ڇڪتاڻ کي روڪڻ جي لاءِ فوري قدم کڻن ڇو ته ان سان علائقائي ۽ عالمي امن خطري ۾ پئجي سگهي ٿو.