اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ايران جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيلي فوجي حملو ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي کليل خلاف ورزي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته حملو گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي بنيادي اصولن جي پڻ واضح خلاف ورزي آهي. هن چيو ته آئون حملي ۾ جانين جي زيان تي ايران جي عوام سان گهري همدرديءَ جو اظهار ڪريان ٿو. صدر چيو ته عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کي گهرجي ته اهي جارح جو احتساب ڪن ۽ صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ فوري ڪارروائي ڪن.