اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) پاڪستان اسلامي جمهوريه ايران جي خلاف اسرائيل جي بنا جواز ۽ ناجائز جارحيت جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوجي حملو اسلامي جمهوريه ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي بنيادي اصولن جي واضح خلاف ورزي آهي. گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت ايران کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان ايراني عوام سان پرعزم يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي ۽ واضح طور تي ان اشتعال انگيزي جي مذمت ڪري ٿو جيڪا پوري خطي ۽ ان کان ٻاهر جي امن، سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي ۽ سنگين اثر رکندڙ آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جي ذميواري آهي ته اهي عالمي قانون جي پاسداري کي يقيني بڻائيندي ان جارحيت کي فوري طور تي روڪين ۽ جارح کي ان جي ڪاررواين تي جوابده قرار ڏين.