اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) سينيٽ هڪ قرارداد متفقه طور تي منظور ڪئي آهي جنهن ۾ ايران تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪئي وئي آهي ۽ ايران سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار اها قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته اڄ صبح سوير ايران تي حملو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي. اسرائيل ايران تي حملو ڪري گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي، اسرائيل جو اهو قدم جنگي ڏوهه آهي ان سان خطي جو امن خطري ۾ پئجي ويو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل والاريل فلسطين سميت ٻين مسلمان ملڪن ۾ ظلم ڪري رهيو آهي، غزه ۾ ٻارن کي شهيد ڪيو پيو وڃي ۽ فلسطينين جي نسل ڪشيءَ ڪئي پئي وڃي. قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هي ايوان متفقه طور تي مسلمان امت خاص طور تي ايران ۽ فلسطين جي خلاف اسرائيل جي جارحيت جي شديد مذمت ڪري ٿو ۽ پنهنجي مسلمان ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. بعد ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني قرارداد جي ايوان مان منظوري ورتي. ايوان متفقه طور تي قرارداد منظور ڪري ورتي. ان کان اڳ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ايوان کي آگاهه ڪيو ته پرڏيهي وزارت ايران تي اسرائيلي حملي جي خلاف مذمتي بيان جاري ڪيو آهي. هن پرڏيهي وزارت جو اهو بيان ايوان ۾ پڻ پڙهي ٻڌايو.