اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) ريلويز بابت مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم ڊليوري يونٽ ( پي ڊي يو) جي سربراهه بلال اظهر ڪياني ناڻي بابت مملڪتي وزير طور پنهجون ذميورايون سنڀالي ورتيون آهن. ناڻي وزارت طرفان جاري پڌرائي مطابق ڪابينا ڊويزن جي نوٽيفڪيشن کانپوءِ ريلويز بابت مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم جي ڊليوري يونٽ جي سربراهه بلال اظهر ڪياني جمعي تي ناڻي واري وزارت ۾ مملڪتي وزير طور پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن.