اسلام آباد-12 جون (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پاران ٻارن جي جبري پورهئي خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي چائلڊ پروٽيڪشن انسٽيٽيوٽ اسلام آباد جو دؤرو ڪيو. دؤري دوران انسٽيٽيوٽ ۾ موجود ٻارن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اڪثر سنگين انساني ڀڃڪڙين جي خلاف ورزين جهڙوڪ گهريلو تشدد، گهٽ عمري ۽ ننڍپڻ ۾ جبري شادين ۽ استحصالي پورهئي جو مُنهن ڏسي چڪا آهن، شامل آهن. وفاقي وزير ٻارن سان ڳالهائيندي انهن جون ڪهاڻيون ٻُڌيون ۽ کين تحفا پيش ڪيا، جيڪي محبت ۽ حوصله افزائي جي علامت هئا. هي ملاقات ٻارن لاءِ تحفظ، اعتماد ۽ انسيت جو هڪ لمحو فراهم ڪرڻ جو سبب بڻي. بريفنگ دوران وفاقي وزير چيو ته چائلڊ ليبر پاڪستان کي درپيش اهم ترين انساني حقن جي چئلينجز مان هڪ آهي جيڪو ٻارن کي تعليم، تحفظ ۽ مڪمل صلاحيتن جي اظهار کان محروم ڪري ٿو. هن واضح ڪيو ته چائلڊ ليبر جو مسئلو اڻ هموارين، غربت، سماجي نيڪالي ۽ تعليم ۽ سماجي تحفظ تائين محدود رسائيءَ سان جڙيل آهي. وفاقي وزير حڪومت جي ان عزم کي ورجايو ته ان مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ مضبوط قانوني ۽ پاليسي سڌارا متعارف ڪرايا پيا وڃن. هن ايمپلائمينٽ آف چلڊرين ترميمي ايڪٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته هي قانون هڪ اهم اڳڀرائي آهي جنهن تحت خطرناڪ پورهئي جي فهرست ۾ گهريلو مزودريءَ کي شامل ڪيو ويو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چائلڊ ليبر جي ازالي لاءِ قانوني قدمن سان گڏوگڏ فعال روڪٿام جي حڪمت عملي به ضروري آهي جنهن ۾ عوامي آگاهي مهم، والدين جي تعليم، ڪارپوريٽ احتساب ۽ مؤثر سماجي تحفظ شامل آهي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته ٻارن تي تشدد يا استحصال جي واقعن جو اطلاع فوري طور هيلپ لائن 1121 تي ڏين جيڪو ٻارن جي فوري معاونت ۽ رهنمائي فراهم ڪري ٿي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مؤثر رابطن ۽ مضبوط ڪوششن ذريعي ئي ٻارن جي تحفظ لاءِ جوڙيل قدمن کي مؤثر طريقي سان لاڳو ڪري سگهجي ٿو. ان موقعي تي سينيٽر اعظم نذير تارڙ پاڪستان حڪومت جي ان پختي عزم کي ورجايو ته چائلڊ ليبر جو مڪمل خاتمو پاڪستان جي آئين، گڏيل قومن جي ٻارن جي حقن بابت ڪنوينشن سميت عالمي وعدن موجب پهرين ترجيح آهي. هن زندگي جي سمورن طبقن، سرڪاري ادارن، نجي شعبي ۽ سول سوسائٽي سميت ٻين ڪميونٽيز کي اپيل ڪئي ته اهي گڏجي هڪ اهڙو معاشرو جوڙين جتي هر ٻار محفوظ هجي، تعليم يافته هجي ۽ پنهنجي خوابن کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ بااختيار هجي.