اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڀارت جي شهر احمد آباد (گجرات) ۾ ايئر انڊيا جي مسافر جهاز حادثي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته احمد آباد (گجرات) ۾ ايئر انڊيا جي مسافر جهاز حادثي تي افسوس ٿيو، ان افسوسناڪ واقعي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت ڪندي هن ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندانن همدرديءَ جو اظهار ڪيو.