برسلز-12 جون (اي پي پي) اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻيءَ ۾ پارلياماني وفد گڏيل امن لاءِ پاڪستان جي پُختي عزم کي ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان خطي ۾ اڳتي وڌڻ، پائيدار امن جي قيام ۽ مسئلن جي حل لاءِ جامع ڳالهين جو حامي آهي. ڪالهه سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻيءَ ۾ اعليٰ سطحي پارلياماني وفد بيلجيئم فارن افيئر ڪميٽيءَ جي وائيس چيئر مسز ڪيٽلين ڊيپورٽر ۽ چيئر آف پاڪستان بيلجيئم پارليامينٽري فرينڊسپ گروپ فرانڪيم بيلجينڊ سميت بيلجيئم جي سينيٽ ۽ ايوان جي نمائندن جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. وفد ملاقات دوران ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. پاڪستاني وفد ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان خطي ۾ اڳتي وڌڻ، پائيدار امن جي قيام ۽ مسئلن جي حل لاءِ جامع ڳالهين جو حامي آهي. ٻنهي طرفان پاڪستان ۽ بليجيئم لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي حوالي سان پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.