نيويارڪ-12 جون (اي پي پي) ايران اسرائيل جي امڪاني حملي جي صورت ۾ جوابي منصوبو تيار ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب هڪ سينئر ايراني اهلڪار جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ايراني فوجي ۽ سرڪاري عملدارن جي اجلاس ۾ امڪاني اسرائيلي حملي جي باري ۾ پنهنجي رد عمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايراني عملدارن جي تيار ڪيل جوابي منصوبي تحت اسرائيل جي امڪاني حملي جي صورت ۾ سوين بيلسٽڪ ميزائلن سان اسرائيل تي فوري جوابي حملو ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 9 جون تي پنهنجي فون ڪال ۾ اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو کي اهڙو قدم کڻڻ جي خلاف خبردار ڪيو. ٻئي پاسي آمريڪي دفاع واري وزير وچ اوڀر کان آمريڪي فوجين جي گهرڀاتين کي نڪري وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي جنهن تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو آهي.