اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرڪاري دوري تي گڏيل عرب امارات روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل عرب امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي فرمانروا شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. دوري دوران وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي قيادت سان ملاقات ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.