اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني کي ناڻي بابت مملڪتي وزير جي اضافي چارج ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري پڌرائي موجب اهو فيصلو موجوده معاشي چئلينجز جي ڏس ۾ ۽ مالياتي شعبي ۾ هم آهنگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي. وزيراعظم جي هدايت موجب بلال اظهر ڪياني ريلوي سان گڏوگڏ ناڻي واري وزارت جا معاملا پڻ ڏسندو. سندس تجربو ۽ قائداڻيون صلاحيتون حڪومتي ترجيحون حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون.