واشنگٽن – 12 جون (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زيد آل نهيان آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪوروبيو سان ملاقات ڪئي پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي پرڏيهي کاتي جي هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿيل ملاقات ۾ گڏيل مفادن جي حمايت لاءِ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي امارات جي تازي دوري جي نتيجن سان اقتصادي، واپاري، سائنسي، جديد ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جهڙن ترقياتي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اهو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيندو ۽ شراڪتداري کي هر سطح تي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو. شيخ عبدالله بن زايد چيو ته آمريڪا، گڏيل عرب امارات جو اهم اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهي ۽ امارات خطي ۽ عالمي سطح تي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ آمريڪا سان گڏ آهي. ملاقات ۾ خطي جي مجموعي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي آمريڪا ۾ امارات جو سفير يوسف العييبه، سياسي معاملن جو مددگار وزير لاناز ڪي نسيبه ۽ ٻييون اختياريون به موجود هيون.