واشنگٽن – 12 جون (اي پي پي) آمريڪي اختيارين کي اطلاع ڏنو ويو آهي ته اسرائيل ايران تي حملا ڪرڻ لاءِ پوري طرح تيار آهي جنهن کانپوءِ آمريڪا عراق ۽ وچ اوڀر جي ٻين ملڪن ۾ پنهنجن سفارتڪارن ۽ فوجي اڏن مان غير ضروري اهلڪارن ۽ سفارتي اهلڪارن ڀاتين جي واپسي شروع ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڪيترن ئي ذريعن جو حوالو ڏيندي رپورٽ ڪيو ته آمريڪي اختيارين اڳڪٿي ڪئي آهي ته اسرائيل طرفان ڪنهن به ڪارروائي تي ايران پاڙيسري ملڪ عراق ۾ اڪثر آمريڪي سائيٽس تي جوابي ڪارروائي ڪري سگهي ٿو، ان سبب ڪجهه آمريڪي شهرين کي خطو ڇڏڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي. آمريڪي فوجي حلقن جي هڪ نمائندي ان کان اڳ ٻڌايو هو ته آمريڪي دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ سلامتي جي مسئلن سبب وچ اوڀر مان آمريڪي فوجين تي دارومدار ڪندڙن جي رضاڪاراڻي روانگي جي اجازت ڏني هئي. رپورٽ مطابق تازن هفتن ۾ واشنگٽن انتظاميا کي ان ڳالهه تي ڳڻتي آهي ته تهران جي ايٽمي پروگرام تي جاري ڳالهين باوجود اسرائيل ايران تي حملي جي تياري ڪري رهيو آهي.