گڏيل قومون-12 جون (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته غزه ۾ غذائي امداد جي محدود فراهمي سبب ماڻهو شديد بک جو شڪار آهن، صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اضافي ڪراسنگ ٻيهر کولڻ ضروري آهي. اها ڳالهه گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت اداري جي ترجمان اولگا چيريو ڪو پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته غزه ۾ امداد جي محدود فراهمي سبب ماڻهو شديد بک جو شڪار آهن، اسرائيل جي گذريل مهيني محدود سپلائي جي اجازت ڏيڻ کانپوءِ رڳو 6 هزار ٽن ڪڻڪ جو اٽو جنگ سٽيل علائقي ۾ داخل ٿيو، وڌندڙ غذائي کوٽ کي نظر ۾ رکندي 10 هزار ٽن جي فوري ضرورت آهي. ترجمان چيو ته غزه ۾ موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ جو واحد طريقو اضافي ڪراسنگ کي ٻيهر کولڻ ۽ امداد جي لامحدود ۽ بنا رڪاوٽ فراهمي جي اجازت ڏيڻ آهي. هن اسرائيلي اختيارين تي زور ڀريو ته هو محفوظ ۽ مناسب ماحول فراهم ڪري امداد جي فراهمي جي ڪم کي آسان بڻائي.