والاريل بيت المقدس-12 جون (اي پي پي)قومي سلامتي جي اسرائيلي وزير ايتمار بن گوير پوليس جي وڏي نفري سان گڏ گذريل ڏينهن صبح جو بيت المقدس ۾ مسجد الاقصيٰ تي ڪاهه ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب بيت المقدس ۾ اسلامي اوقاف جي وزارت بيان ۾ چيو ته مسجد اقصيٰ جي اڱڻ جي دوري دوران قومي سلامتي جي اسرائيلي وزير ايتمار بن گوير سان گڏ قابض پوليس جا ڪيترائي اعليٰ آفيسر به موجود هئا. پرڏيهي خابرو اداري موجب ان دوران مسجد جي ڀرپاسي ۾ اٽڪل هڪ سئو سيڪيورٽي اهلڪار مقرر هئا. اهو قدم اهڙي وقت ۾ سامهون آيو جڏهن برطانيه، ڪينيڊا، آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ ناروي گذريل ڏينهن قومي سلامتي جي اسرائيلي وزير بن گوير ۽ ناڻي واري وزير بزليل سموٽرچ تي فلسطينين خلاف بار بار تشدد تي ڀڙڪائڻ جي الزام ۾ پابنديون لڳايون آهن.