مدينو شريف _ 12 جون (اي پي پي ) خادم الحرمين الشريفين پروگرام تحت حج جو فرض ادا ڪرڻ لاءِ آيل شاهي مهمانن مديني شريف ۾ ڪنگ فهد قرآن پرنٽنگ ڪامپليڪس جو دورو ڪيو .پرڏيهي خابرو اداري مطابق خادم الحرمين الشريفين پروگرام تحت حج جو فرض ادا ڪرڻ لاءِ آيل شاهي مهمانن مديني شريف ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي قرآن پرنٽنگ ڪامپليڪس جو دورو ڪيو جتي اختيارين کين قرآن پاڪ جي مختلف مرحلن ۽ ان لاءِ استعمال ٿيندڙ ٽيڪنالاجي بابت معلومات ورتي. کين قرآن پاڪ جي تحفظ لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ مختلف زبانن ۾ ان جي ترجمي ۽ عالمي سطح تي ان جي ورڇ بابت به ٻڌايو ويو . ڪامپليڪس ۾ قرآن پاڪ جو 76 زبانن ۾ ترجمو ۽ خصوصي ايپليڪيشنز تيار ڪيون ويون آهن جيڪي مسلمانن کي قرآن پڙهڻ ۽ سمارٽ فونز تي مختلف ملڪن جي ماڻهن کي قرآن ٻڌڻ جي قابل بڻائين ٿيون . دوري جي آخر ۾ ڪامپليڪس جي عهديدارن مهمانن کي قرآن پاڪ جا نسخا تحفي ۾ ڏنا .