لنڊن _ 12 جون (اي پي پي ) برطانيه غزه ۾ انساني صورتحال جي خراب ٿيندڙ حالت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي خدشي جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق وزيراعظم ڪيئر اسٽامر چيو آهي ته اسرائيل طرفان غزه ۾ امداد پهچائڻ جو منصوبو ناڪافي آهي ۽ اهو منصوبو مقصد مطابق ناهي . هن چيو ته فلسطيني علائقي ۾ امدادي مرڪز ٻاهران جيڪو منظر دنيا ڏٺو آهي ، اهو دل کي ڏکائيندڙ آهي ، ۽ انساني صورتحال نهايت ڀيانڪ آهي . هن چيوته غزه ۾ امداد جي فوري ۽ وڏي مقدار ۾ رسائي جي شديد ضرورت آهي ، ۽ اسرائيل جو موجوده منصوبو ان ضرورت کي پورو نٿو ڪري . هن وڌيڪ چيو ته ضروري آهي ته گڏيل قومون ۽ ٻيا ادارا اها امداد پهچائين ۽ اسرائيل کي ان جي اجازت ڏيڻ گهرجي . هن اهو به چيو ته اسان پنهنجي اتحادين سان گڏجي ڪري پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اها امداد پهچايون ، يرغمالين جي آزادي ممڪن ٿئي ۽ جنگ بندي تائين پهچي وڃون ، جنهن جي اسان کي شديد ضرورت آهي .