مسقط – 12 جون (اي پي پي)آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ايٽمي ڳالھين جي ڇھين دور جي ميزباني اومان ڪندو. پرڏيھي خابرو اداري مطابق اھا ڳالھه اومان جي پرڏيھي وزير بدرالبوسيدي گذريل ڏينھن ايڪس تي ھڪ پوسٽ ۾ چئي. ھن چيو ته مونکي ان ڳالھه جي تصديق ڪندي خوشي ٿي رھي آھي ته ايران ۽ آمريڪا جي ڳالھين جو ڇھون دور ھن آچر تي مسقط ۾ ٿيندو.