قاھره – 12 جون (اي پي پي) مصر چيو آھي ته پرڏيھي وفدن جي رفح ڪراسنگ ۽ فلسطيني علائقن سان لاڳاپيل علائقن جو دورو اڳواٽ منظوري سان مشروط ھوندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق مصر جي پرڏيھي وزارت تصديق ڪئي آھي ته مصر جي اختيارين طرفان فلسطينين جي حقن جي حمايت جي اظھار لاءِ سرحدي علائقن جو دورو ڪرڻ جي خواھشمندن جي درخواستن تي غور ڪرڻ لاءِ غزه تي جنگ جي شروعات کانپوءِ موجود ريگوليٽري ڪنٽرولز ۽ مڪينزم جي پابندي جي ضرورت آھي. وزارت وضاحت ڪئي ته انھن قدمن ۾ پرڏيھه ۾ مصر جي سفارتخانن کي باضابطه درخواست جمع ڪرائڻ يا قاھره ۾ پرڏيھي سفارتخانن يا تنظيمن جي نمائندن طرفان پرڏيھي وزارت کي درخواستون جمع ڪرائڻ شامل آھي. ان طريقي سان سرڪاري ۽ غيرسرڪاري انساني حقن جي تنظيمن جي پرڏيھي وفدن لاءِ ڪيترن ئي دورن جو انتظام ڪيو ويو آھي. پرڏيھي وزارت غزه بحران جي شروعات کانپوءِ سرحدي علائقن جي نازڪ صورتحال کي نظر ۾ رکندي دورو ڪندڙ وفدن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ انھن ضابطن جي پابندي جي اھميت تي به زور ڀريو. وزارت چيو ته ريگوليٽري ڪنٽرولز ۽ ميڪانزم ذريعي بيان ڪيل فريم ورڪ کان ٻاھر ڪنھن به درخواست تي نه غور ڪيو ويندو نه ئي ڪنھن دعوت نامي جو جواب ڏنو ويندو.