ڪوئيٽا-12 جون (اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سينيٽر احمد خان خلجي سان گڏجي ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن جو تفصيلي دورو ڪيو. ان موقعي تي ريلوي واري وفاقي وزير پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس جي مسافرن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن مسئلا پڇيا. ريلوي ڊويزن ڪوئيٽا جي ڊي ايس عمران حيات خان ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي کي تفصيلي بريفنگ ڏني. ريلوي واري وفاقي وزير ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن ۾ لڳل 29 جديد سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي ڪنٽرول روم ۽ ريلوي آفيسر ڪلب ۾ جم سينٽر جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو ته پاڪستان ريلوي مسافرن کي هر ممڪن سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي رهي آهي. هن ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي بزنس ڪلاس ويٽنگ روم کي عام مسافرن لاءِ به استعمال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. وفاقي وزير ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي شاندار انتظامن تي ڊي ايس ريلوي عمران حيات خان ۽ سندس ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. هن مڇ ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ شهيد ٿيل ڪانسٽيبل فيصل جي والده کي 50 لک جو چيڪ به پيش ڪيو.