اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي ميمبر ۽ سچ نيوز جي چيئرمين علامه سيد افتخار حسين نقوي جي ڀيڻ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سوڳوار پونئيرن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته علامه سيد افتخار حسين نقوي جي ڀيڻ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.