لنڊن-11 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين ۽ پاڪستاني سفارتي وفد جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت، آمريڪي صدر صدر ٽرمپ جي امن ڪوششن کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو، امن لاءِ ڀارت کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ سڄي دنيا جي مفاد ۾ هوندو، ڪشمير مسئلو، دهشتگردي ۽ پاڻيءَ سميت سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهجن ٿا، جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي. پاڪستان ڀارت جنگ کانپوءِ پاڪستان اڄ تائين جنگبندي جي پاسداري ڪئي آهي. گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واضح طور تي ۽ ڪيترائي ڀيرا اهو چيو ته خطي ۾ امن هئڻ گهرجي، اسان صدر ٽرمپ جي بيانن جي آجيان ڪريون ٿا، سندس امن جي ڪوششن لاءِ ڏنل بيانن کي ڀارت نقصان پهچائڻ چاهي ٿو، اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن آمريڪا کي ڀارت کي ڪَن کان پڪڙي ڳالهين تائين آڻڻو پوي ته اهو دنيا جي مفاد ۾ آهي ته جيئن خطي جا ملڪ امن جي قيام کانپوءِ ترقي ڪري سگهن ۽ اڳتي وڌن. هن چيو ته ويجهڙ ۾ ڀارت غير قانوني طور قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير تي تڪراري قانون پاس ڪري ان کي پنهنجو اندروني معاملو قرار ڏنو، جڏهن ته صدر ٽرمپ جي بيان سان ڪشمير مسئلو هڪ ڀيرو ٻيهر زندهه ٿي ويو. بلاول ڀٽو چيو ته صدر ٽرمپ جي بيان مان واضح ٿي ويو ته ڪشمير مسئلو ٻن ملڪن وچ ۾ تڪرار آهي، اهو ڪنهن ملڪ جو اندروني معاملو ناهي. هن چيو ته اسان برطانيه ۾ سمورين پارٽين جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جن جو چوڻ هو ته هاڻ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڳالهيون ڪرڻ وڌيڪ ڪارآمد هونديون. هن چيو ته ڪشمير مسئلو، دهشتگردي ۽ پاڻيءَ سميت سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهجن ٿا، ڇاڪاڻ ته جنگ ڪنهن مسئلي جو حل ناهي. هن چيو ته پاڪ- ڀارت جنگ کانپوءِ پاڪستان اڄ تائين جنگبنديءَ جي پاسداري ڪئي آهي، پهرين ڏينهن کان ڀارت جو مؤقف ۽ بيانيو ڪوڙ تي ٻَڌل آهي. بلاول ڀٽو چيو ته پاڻي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيڻ پڻ گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي آهي، تازي جنگ ٻُڌائي ڇڏيو ته پاڪستان ننڍو هئڻ باوجود هر ميدان ۾ ڀارت کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. فتح کانپوءِ هٿياربند فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جو عهدو ڏيڻ سندس صلاحيتن جو اعتراف آهي. هن چيو ته ڀارت سکن خلاف منظم مهم هلائي رهيو آهي، ڀارت پاڪستان ۾ به دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ڪرايون، ڀارت کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو پرڏيهي دهشتگردي ختم ڪري.