رياض – 11 جون (اي پي پي )سعودي عرب حج آپريشن ڪامياب سيزن ختم ٿيڻ جي فوري بعد عمره ويزه جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق سعودي عرب جي حج ۽ عمره واري وزارت بيان ۾ چيو آهي ته عمري جي ويزا جاري ڪرڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي. وزارت حج مڪمل ٿيڻ بعد نئين سر عمره سيزن جي تصديق ڪندي عمره پانڌيئڙن جي اربع 11 جون کان سعودي عرب آمد جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. ان کان اڳ وزارت چيو هو ته عمره ويزا اربع 11 جون (15 ذوالحج 1447 هجري ) کان جاري ڪيا ويندا. وزارت بيان ۾ چيو ته سرڪاري ڪيلينڊر مطابق عمره ويزا 10 جون 14 ذوالحج کان جاري ٿيندا . عمره ڪمپنين ۽ ٽوئر آپريٽرز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي 27 مئي تائين پنهنجي سروس معاهدن کي حتمي شڪل ڏين . بيان ۾ چيو ويو آهي ته عمره ويزه رمضان مهيني جي آخر تائين جاري ڪرائي سگهجن ٿا .