لنڊن _ 11 جون (اي پي پي ) برطانيه اسرائيل جي سيڪيورٽي بابت وزير بن گوير ۽ ناڻي واري وزير بتسليل سموٽريچ خلاف پابنديون لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي . اهڙو قدم غزه جي حوالي سان سندن جي جاري ڪيل تڪراري بيان تي کنيو ويو آهي . پرڏيهي ميڊيا ۾ ٻڌايو ويو آهي ته برطانيه، ڪينيڊا ، آسٽريليا ، نيوزيلينڊ ۽ ٻين ملڪن ۾ ٻڻهي وزيرن بن گوير ۽ سموٽريچ …
برطانيه پاران اسرائيل جي 2 سينيئر وزيرن تي پابندين جو اعلان

مزید خبریں
لنڊن _ 11 جون (اي پي پي ) برطانيه اسرائيل جي سيڪيورٽي بابت وزير بن گوير ۽ ناڻي واري وزير بتسليل سموٽريچ خلاف پابنديون لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي . اهڙو قدم غزه جي حوالي سان سندن جي جاري ڪيل تڪراري بيان تي کنيو ويو آهي . پرڏيهي ميڊيا ۾ ٻڌايو ويو آهي ته برطانيه، ڪينيڊا ، آسٽريليا ، نيوزيلينڊ ۽ ٻين ملڪن ۾ ٻڻهي وزيرن بن گوير ۽ سموٽريچ جا مالي اثاثا پڻ منجمد ڪيا ويندا ۽ انهن تي پابندي به لاڳو هوندي. جنهن جو مطلب ته ٻئي وزير برطانيه ۾ داخل نه ٿي سگهندا ۽ ڪو برطانوي مالي ادارو به ساڻن ڪاروبار نه ڪندو . واضع رهي ته برطانيه جي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي پهريان خبردار ڪيو هو ته بن گوير ۽ سموٽريچ جا بيان ” خطرناڪ انتها پسندي “ جي نمائندگي ڪن ٿا . هن چيو ته اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي حڪومت غزه جي فلسطينين کي سندن گهرن مان ڪڍڻ جي منصوبه بندي ڪري رهي آهي ۽ کين محدود امداد تائين رکيو ويندو.











